ڪنوار ٻوٽي

ڪنوار ٻوٽي

ڪنوار ٻوٽي

ڪنوار ٻوٽي (Aloe Vera): هيءُ هڪ قسم جو رسدار ٻوٽو آهي، جنھن جي پوک ذريعي پاڻي جھڙي شفاف رنگ جو لئيدار مادو (Gel) حاصل ڪيو ويندو آهي، جيڪو خاص ڪري سينگار وارين شين (Cosmetics, Lotions) وغيره کي نرم رکڻ ۽ طب جي حوالي سان چمڙي جي بيمارين کان حفاظت ۽ خاتمي لاءِ دوا طور استعمال ڪيو ويندو آهي. ان کانسواءِ هن کي وارن جي ڊيگهه، چمڪ ۽ خوبصورتي وڌائڻ لاءِ تيل، مينديءَ وغيره ۾ ملائي پڻ استعمال ڪيو ويندو آهي. هن ٻوٽي کي انگريزي زبان ۾ Aloe Vera ۽ اردو ۾ گوار پاٺا چيو ويندو آهي. Aloe vera جي ٻين جنسن ۾ ‘Chinese Aloe’، ‘Indian Aloe’، ‘True Aloe’، ‘Barbados Aloe’، ‘Burn Aloe’، ‘First Aid Plant’ وغيره شامل آهن. Alo vera جي صفتي لفظ vera جي معنيٰ آهي سچو ۽ خالص. هن ٻوٽي ۾ تمام ننڍو ٿڙ (Stem) ٿيندو آهي، جنھن سان لڳل پن نما شاخون لڳ ڀڳ 60 کان 100 سينٽي ميٽر (24-39 انچ) قد جون، ٿلهيون، ماس ۽ لئيدار رس سان ڀريل هونديون آهن. جيڪي بظاهر جهڳٽي جي صورت ۾ ڏسڻ ۾ اينديون آهن. اِهي پن نما شاخون هيٺئين حصي کان ويڪريون ۽ مٿان سنهيون نوڪدار ٿين ٿيون، جن جي پاسي وارن ڪنارن تي ننڍا ننڍا ڪنڊا ٿين ٿا. ڪنوار ٻوٽي جو لئيدار رس (Gel) چھري جي خراب چمڙي کي لاهڻ ۽ چھري کي تازو ۽ شاداب ڪرڻ لاءِ فيشل ٽِشو ۽ فيشل جي ڪريمن، موئسچرائزر لوشن وغيره ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي. ان کان علاوه ميڪ اپ، صابڻ، سن اسڪرين، لوبان، شيونگ ڪريم ۽ شيمپو وغيره ۾ گهڻي ڀاڱي استعمال ڪيو ويندو آهي. ٻارھن مھينا ٿيندڙ هن ٻوٽي جي تاثير ٿڌي هوندي آهي. هن جو رنگ سائو (Green) ۽ ذائقو ڪڙو هوندو آهي. اڪثر ماڻهو خوبصورتي ۽ ذاتي استعمال لاءِ ڪنوار ٻوٽيءَ جون ڪونڊيون پنھنجن گهرن ۾ رکندا آهن. هي ٻوٽو ننڍي کنڊ ۾ وسيع پئماني تي ٿيندو آهي. دوائن کان سواءِ کاڌي پيتي جي شين ۾ پڻ ڪنوار ٻوٽيءَ جو استعمال ڪيو ويندو آهي. ڪنوار ٻوٽيءَ جو حلوو به لذيذ ۽ سنڌن جي سور لاءِ گهڻو مفيد آهي.


لفظ ڪنوار ٻوٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو